اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عورت اڪيلي  ٻاهر نه نڪري، سينيٽر عابده عظيم جي اهڙي جملي تي شيرين مزاري ڪاوڙجي پئي، عورتن مٿان پابندي لڳائڻ بجاءِ اڪيلي مردن تي پارڪن ۾ اچڻ تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سينيٽ جي انساني حقن بابت ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر وليد اقبال جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 14 آگسٽ تي مينار پاڪستان وٽ ٽڪ ٽاڪ اسٽار  عائشه اڪرام سان پيش آيل بدسلوڪي واري واقعي بابت غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ انساني حقن جي وزارت واقعي بابت رپورٽ پيش ڪندي ڪاميٽي کي ٻڌايو ته 141 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، سڃاڻپ پريڊ ۾ عائشه اڪرام اچي 6 ڄڻن جي سڃاڻپ ڪئي، جن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ان واقعي جي جاچ لاءِ وڌيڪ 4 ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري پنجاب حڪومت پاران پارڪن ۾ عورتن لاءِ وقت مقرر ڪرڻ تي پنجاب حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو ته عورتن تي پابندي لڳائڻ بجاءِ اڪيلي مردن تي اچڻ تي پابندي لڳائي وڃي، عورتن لاءِ وقت مقرر ڪرڻ تعجب جهڙي ڳالهه آهي، پنجاب حڪومت کي اهڙيون پابنديون لڳائڻ بجاءِ عورتن لاءِ بهتر ماحول فراهم ڪري، جنهن تي پختونخوا  ملي عوامي پارٽي جي سينيٽر عابده عظيم چيو ته ان واقعي ۾ متاثر ٿيل عورت جو به قصور آهي، ايتري رش ۾ ان کي نه وڃڻ گهربو هو، عورت کي اڪيلو نه نڪرڻ گهرجي، عورت اڪيلي نڪرندي ته پوءِ ان طرح جا واقعا ٿيندا جنهن تي شيرين مزاري سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان کي اهو نه چوڻ گهرجي ته عورت جو قصور آهي، پوءِ مردن لاءِ به چيو وڃي ته اهي اڪيلو گهر کان ٻاهر نه نڪرن، عورت کي ڇو اڪيلو نه نڪرڻ گهرجي؟ پاڪستان جو آئين سڀني لاءِ برابر حق ڏئي ٿو، اسان اهو نه ٿا چئي سگهون ته عورت سان گڏ مرد هجي ته پوءِ ان کي ٻاهر وڃڻ گهرجي، مشاهد حسين سيد چيو ته پنجاب ۾ سڄو ڪم ته وزيراعظم پاڻ هلائي رهيو آهي، عثمان بزدار ته ڪٺ پتلي آهي.