ڪراچي (م ڊ) ڪورونا وائرس جو هڪ وڌيڪ  قسم ”مو“ سامهون اچي ويو، صحت جي عالمي اداري موجب ڪورونا جي هن قسم سامهون ماڻهن ۾ ويڪسين جي گذريل انفيڪشن سان پيدا ٿيل قوت مدافعت به ڪمزور ٿي ويندي آهي، هن وقت عالمي سطح تي نئين قسم جي ڪيسن جي شرح 0.1 سيڪڙو يا ان کان گهٽ آهي، آمريڪا کانپوءِ برطانيا به انتهائي ڪمزور قوت رکندڙن کي ڪورونا جي ٽئين خوراڪ لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.