لاهور (م ڊ) پنجاب ڪورونا فنڊ ۾ 15 ارب رپين کان به وڌيڪ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، اسپيشل  آڊٽ رپورٽ مطابق صحت کاتي جي اختيارين ڏيڍ ارب رپين جون غيرضروري ڪورونا جون دوائون خريد ڪيون، 50 ڪروڙ جا فنڊ ڪاميٽي جي اجازت کانسواءِ خرچ ڪيا، مختلف ضلعن جي انتظاميا 23 ڪروڙ رپين جون مهانگيون دوائون خريد ڪيون، 61 ڪروڙ جي دوائن جا ٺيڪا قانون خلاف ڪجهه ڪمپنين کي ڏنا ويا.