ڪابل (م ڊ) افغانستان ۾ طالبان جي نئين حڪومت جو اعلان اڄ جمعي نماز کانپوءِ ڪرڻ جو امڪان آهي، طالبان ترجمان چيو آهي ته آمريڪا نڪري ويو، هاڻ افغانستان جو مستقبل چين جي هٿن آهي، فرانسيسي خابرو اداري ٻن طالبان اڳواڻن جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته طالبان جي نئين حڪومت بابت مشاورت  مڪمل ٿي وئي آهي، ممڪن آهي ته اڄ جمعي نماز کانپوءِ هڪ تقريب ۾ حڪومت جو اعلان ڪيو ويندو. سوشل ميڊيا تي ڪجهه تصويرون به وائرل ٿي ويون آهن، جنهن ۾ مبينا طور افغان صدارتي محل ۾ تقريب جون تياريون ڪندي ڪجهه ماڻهو نطر اچن ٿا. طالبان اڳواڻ 2 ڏيهن اڳ ٻڌايو هو ته ملاهيبت الله نئين افغان حڪومت جو سپريم ليڊر هوندو، ان جي ماتحت صدر يا وزيراعظم ملڪ هلائيندو، ٻئي طرف افغان طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته آمريڪا نڪري ويو، هاڻ افغانستان جي ترقي جو مستقبل چين جي هٿ ۾ آهي، برطانوي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته نئون افغانستان پنهنجي معيشت جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ چين کان مدد وٺندو، ون بيلٽ ون روڊ خطي مان گذرندڙ سلڪ روڊ جي بحالي جو بنياد آهي، تانبي جا ذخيرا چين جي مدد سان افغانستان جي ترقي لاءِ استعمال ٿيندا، چين افغانستان ۾ وڏي سيڙپڪاري جي حامي ڀري آهي، چين افغانستان جو پاڙيسري آهي، اسان چين کي عالمي منڊي تائين رسائي جو پاسپورٽ سمجهون ٿا. هن چيو ته طالبان روس سان به مضبوط سفارتي ۽ واپاري لاڳاپا چاهين ٿا، روس عالمي امن جي قيام لاءِ طالبان جو ڀرپور ساٿ ڏنو هو. ذبيح الله مجاهد واضح طور تي چيو ته عورتون افغان معاشري جون هيرو آهن، عورتون زندگي جي سمورن شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي ڪابه پابندي نه هوندي، طالبان ترجمان وڌيڪ چيو ته عورتون شرعي حدن ۾ رهندي سرڪاري ادارن ۾ ڪردار ادا ڪري سگهنديون، جڏهن ته ايندڙ حڪومت ۾ عورتن جي وزير طور امڪان کان ٻاهر آهي. پنجشير جي حوالي سان هن چيو ته پنجشير مسئلو ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر احمد مسعود جي گينگ ٻيهر حملو ڪري منفي پيغام ڏنو، پنجشير ۾ هٿياربند مزاحمت افغان امن کي خطري ۾ وجهي رهي آهي، جنهن کي چٿڻ اڻٽر ٿي ويو آهي. طالبان ترجمان وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ افغانستان جي سموري دولت جنگ تي خرچ ڪئي وئي، هاڻ افغانستان ۾ نئين سر تعمير شروع ڪئي ويندي، عالمي برادري سان لاڳاپن جي بهتري لاءِ پوري ڪوشش ڪنداسين، اسان کي عالمي برادري جو اعتماد حاصل ڪرڻو پوندو. فضائي آپريشن جي بحالي بابت ترجمان طالبان چيو ته قطر ۽ ترڪي جي مدد سان ڪابل سميت سموري افغانستان ۾ هوائي اڏن کي فعال ڪيو ويندو، افغانستان اندر اڏامون ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿي وينديون، جڏهن ته عالمي اڏامن جي بحالي ۾ ٿورو وقت لڳندو. ٻئي طرف طالبان ترجمان سهيل شاهين چيو آهي ته طالبان کي ڪشمير ۽ ڀارت سميت ڪٿي به ملسمانن لاءِ آواز اٿارڻ جو حق آهي، ڪنهن به ملڪ خلاف هٿياربند آپريشن ڪرڻ جي ڪابه پاليسي نه آهي، هن چيو ته قانون تحت مسلمان به برابر حق رکڻ جا حقدار آهن، طالبان مخالف پروپيگنڊا صرف ڀارتي ميڊيا تي ڪئي پئي وڃي، 99ع ۾ ڀارتي جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ ۾ طالبان جو ڪوبه ڪردار نه آهي، 1999ع ۾ جهاز هاءِ جيڪ ڪيس ۾ اسان اڃا مدد فراهم ڪئي هئي. هن سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حقاني ڪو گروپ نه پر اسلامي امارات جو حصو آهي، اسان ڪابه هٽ لسٽ تيار نه ڪئي آهي،