ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ عوام کي سستو اٽو نه مليو، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، ڪنري ۾ اٽو وٺڻ آيل عورت بيهوش، خبر موجب سنڌ حڪومت جو اعلان ڪيل سستو اٽو عوام لاءِ اڻلڀ بڻيل آهي، ڪنري ۾ عورتن ۽ مردن ٻسٽان روڊ تي قائم سستي اٽي جي اسٽال اڳيان مين ميرپورخاص روڊ بند ڪري خورشيد بيگم، مسمات شريفان، حاجران، ريشمان ڀٽي، تلوڪ ڀيل، جمن آزاد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جڏهن ته مڇريل ماڻهن دوڪان جي شٽر کي ڏنڊن سان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پيھه سبب ھڪ عورت بيھوش ٿي وئي، جنھن کي سندس ساٿي عورتن کڻائي گھر منتقل ڪيو، سڪرنڊ ۾ سستو اٽو نه ملڻ خلاف شهرين علينواز بروهي، عثمان، صدام، مسمات رحيمان، ڪوڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فلور مل آڏو قومي شاهراهه تي احتجاج ڪيو، شھدادڪوٽ ۾ بئريسٽر ٽيم پاران ڪامريڊ لياقت کوسو، وقاص مستوئي، نعمان غوري، راجو شيخ، لياقت ڀٽي جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، وارهه ۾هٿرادو مهانگائي خلاف عوامي تحريڪ جي سڏ تي ڪامريڊ غلام مصطفيٰ، عرفان منان ۽ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ شير محمد آريجا کان وارهه تائين ريلي ڪڍي وئي، ڏيئي ۾ ڳوٺاڻن امام بخش جمالي، آفتاب ملاح، اسلم جمالي ۽ ٻين احتجاج ڪيو، گھوڙا ٻاري ۾ محمد علي رند، قاسم ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، نئون ڪوٽ ۾ سستي اٽي جي اسٽال تي بدنظمي پيدا ٿي پئي، جڏهن ته ماڻهو ٽوڪن ڏيندڙ دڪاندار پويان ڊوڙندا رهيا پر کين سستو اٽو نه ملي سگهيو.