جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ڀرسان مولاداد ٿاڻي جي حد ناوڙا جي ڳوٺ حاجي خان ٿھيم ۾ 10 ورھين جي فريده ڌيءَ صوبو خان ٿھيم راند کيڏڻ دوران ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪِري فوت ٿي وئي. واقعي کانپوءِ نينگري جي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، علائقي جي چڱي مڙس عبدالرزاق شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي علائقي ۾ پنجن مهينن کان پاڻي بيٺل آهي، جنهن جي نيڪال لاءِ آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي پريشان ٿي ويا آهيون ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيا آهن پر ڪو کڙتيل ناهي نڪتو اپيل آهي ته پاڻي نيڪال ڪرائي وڌيڪ ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن.