عوام ئي طئي ڪري سگهي ٿو ته ڪير صادق ۽ امين آهي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0
159
تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي نااهليءَ جون درخواستون رد ڪرڻ جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي

تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته عوام ئي طئي ڪري سگهي ٿو ته ڪير صادق ۽ امين آهي، فواد چوڌري ۽ آصف زرداري ڪنهن ڪورٽ آف لا مان سزا يافته نه آهن

فيصلي موجب عدالتن جي اهڙن معاملن جي جاچ ۾ پوڻ سان عوام جو چونڊيل نمائندن تي  ڀروسو گهٽجي ويندو آهي، جاچ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن کي اهل به قرار ڏنو وڃي ته کين پهتل نقصان جو ڪو ازالو نه آهي، خواجا آصف کي هن ئي عدالت نااهل قرار ڏنو هو

IHC disposes of petitions seeking disqualification of Fawad Ch, Asif Zardari - Pakistan - Dunya News

 7 مهينن کانپوءِ سپريم ڪورٽ هن جي اپيل منظور ڪئي، ان عرصي دوران خواجا آصف جي تڪ جو عوام نمائندگي کان محروم رهيو، خواجا آصف کي سياسي نقصان ۽ بدنامي جو منهن ڏسڻو پيو

عدالت موجب عوام کي ئي اهو اختيار هجڻ گهرجي ته هنن جي نمائندگي ڪير ڪندو، اڪيلو عوام ئي اهو طئي ڪري سگهي ٿو ته ڪير صادق ۽ امين آهي

ھي به پڙھندا

بس گھڻو ٿيو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرايو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ پاران اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظھار