ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي چيو آهي ته اطلاعات کاتو سنڌ حڪومت جي ترجمان جي حيثيت سان اهميت رکي ٿو، انفارميشن آفيسرن تي ڳري ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي پنهنجا فرض محنت ۽ دل سان ادا ڪن. ڪنهن جي به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. کاتي جي آفيسرن سان تعارفي گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته صوبائي حڪومت جي سمورن کاتن جي عوامي ڀلائي واري اسڪيمن جي تشهير بهتر انداز ۾ ڪئي وڃي، جيئن عوام کي انهن بابت صحيح آگاهي ملي سگھي. هن چيو ته اطلاعات کاتي ۾ بدعنواني ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيوته کاتي جي ترقياتي اسڪمين کي جلد مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته معيار جو خيال رکيو وڃي، ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل غلام الثقلين صوبائي سيڪريٽري کي کاتي جي ڪمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.