نوابشاهه (بيورو رپورٽ) نوابشاهه جي ٻن رھائشي اسڪيمن جي مالڪن پاران پلاٽن جي مالڪي نه ڏيڻ خلاف متاثر پورھيتن جي مسلسل احتجاج آخر ڪار رنگ لاتو، عدالت هڪ متاثر جي داخل پٽيشن تي ستن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري متاثرن کي انصاف ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب گذريل ڏينهن احتجاج دوران پاڻ تي پيٽرول ھاري آپگھات ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پيرسن حسن علي چانڊيو نوابشاھ جي فورٿ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ۾ بلڊرز ۽ انھن جي مائٽن ستن ڄڻن ياور عباس زيدي، ميثم زيدي، علي رضا عرف باشو زيدي، سيد حيدر شاھ، محمد حسنين، شوڪت راھو ۽ محمد اقبال ڀٽي خلاف وڪيل معرفت پٽيشن داخل ڪرائي هئي، جنھن تي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او ايئرپورٽ کي حڪم ڏنو ته ڄاڻايل ستن ئي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ اھڙي رپورٽ ڊي ايس پي ڪمپلين سيل شھيد بينظير آباد وٽ جمع ڪرائي وڃي،