پيرجوڳوٺ (ن پ ا) پيرڳوٺ لڳ رپيٽر صاف ڪندي اوچتو فائر ٿيڻ سبب نوجوان زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل. رپورٽ موجب ڪنگريءَ ڪچي واري فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڍنڊائي ناريجا ۾ رپيٽر صاف ڪندي اوچتو فائر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڪارتوس جي ڇرا لڳڻ سبب نوجوان معشوق علي پٽ محمد بخش ناريجو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پيرجوڳوٺ اسپتال ۽ اتان سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو آهي. جڏهن ته فيض محمد ٻنڊو پوليس ٻڌايو ته ابتدائي رپورٽ موجب رپيٽر جو فائر ٿيڻ سبب نوجوان زخمي ٿيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.