لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ۾ باڊهه جي راهوسي مرد ۽ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي ڊي آءِ جي آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو. نظير گوپانگ، رسول بخش گوپانگ، عبدالهادي، گڊو ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته سڪندر ڪانڌڙو جي موبائل دڪان ۾ ڌاڙو لڳو، کوجي ڪتو اسان جي در اڳيان بيٺو، باڊهه پوليس اسان جي هڪ نوجوان عبدالحميد گوپانگ کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سڪندر ڪانڌڙو وٽ ميڙ کڻي وياسين ته اسان جو واقعي سان ڪو به تعلق ناهي، تنهن باوجود به هو اڍائي لک ڀري ڏيڻ لاءِ چئي رهيو آهي، مجبور ٿي اسين ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو آفيس ٻاهران ڌرڻو هنيو آهي. .هوڏانهن سول لائين ٿاڻي جي پوليس احتجاجي مظاهرو ڪندڙ ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري اهڙي واقعي جي جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃڻ جي خاطري بعد مظاهرين ڳوٺ روانا ٿي ويا.