اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ کيس فوري طور چارج ڇڏڻ جو چيو ويو آهي. خط ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته رجسٽرار آفيس وٽ جوڊيشل آرڊر ڪالعدم قرار ڏيڻ جو ڪو به اختيار ناهي، چيف جسٽس به جوڊيشل آرڊر خلاف ڪوئي انتظامي آرڊر جاري نٿو ڪري سگهي. مون لاءِ حيران ڪندڙ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي سرڪيولر جاري ڪيو ويو، سرڪيولر ذريعي سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي رجسٽرار سرڪيولر جاري ڪرڻ جو ڪو اختيار نٿو رکي. جسٽس فائز سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار عشرت علي کي مخاطب ٿيندي چيو ته سينيئر آفيسر طور توهان کي آئين ۽ آئين ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي اثرن جي خبر هجڻ گهرجي، سرڪيولر ۾ جنهن فيصلي جو ذڪر ڪيو ويو، اهو موجود فيصلي سان هڪجهڙائي نٿو رکي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته فوري طور تي سرڪيولر واپس وٺو، توهان جو رويو ظاهر ڪري ٿو ته توهان رجسٽرار آفيس ۾ رهڻ جي اهل ناهيو، آرٽيڪل 3/175 تحت رجسٽرار آفيس ۾ رهڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 3/175 تحت عدليه ۽ انتظاميا مڪمل طور تي الڳ آهن، هر شهري جيان توهان تي به آئين لاڳو ٿئي ٿو، توهان کي مشورو آهي ته آفيس جي چارج ڇڏي ڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ لکيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پنهنجي آفيسر کي فوري طور واپس گهرائي ۽ مناسب سمجهي ته آئين جي ڀڃڪڙي تي قانون موجب ڪارروائي ڪري. خط جي ڪاپي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪابينا سيڪريٽري ۽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي به موڪلي آهي.