انقرا ( م ڊ ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته منهنجي حڪومت ايندڙ مهيني رٿيل چونڊن ۾ آمريڪا کي سبق سيکاريندي. ترڪ صدر آمريڪي سفير فليڪ جي اپوزيشن پارٽي ريپبلڪن پيپلز پارٽي جي سربراهه ڪمال ڪليدارو گلو سان ملاقات تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪي سفير کي عقل جو استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ شرم اچڻ گهرجي، اسان آمريڪا کي سبق سيکارينداسين. اردگان چيو ته آمريڪي سفير وڃي اسان جي  سياسي مخالف ڪمال سان ملاقات ڪري ٿو، هتي اوهان جو رابطو رڳو صدر سان ئي هئڻ گهرجي. صدر آمريڪي سفير کي مخاطب ڪندي چيو ته اسان جا دروازا هاڻي ڳالهين لاءِ بند ٿي ويا آهن، اوهان هاڻي مون سان نٿا ملي سگهو . هن وڌيڪ چيو ته اسين آمريڪا کي سبق سيکارينداسين ته هڪ سفير جون ڪهڙيون ذميواريون هونديون آهن ۽ کيس ڪيئن ڪم ڪرڻو هوندو آهي.