اسلام آباد: قومي اسيمبلي ۾ بي اين پي مينگل جي سربراهه اختر مينگل جي علائقي وڍ ۾ ايف سي جي گهرن تي ڇاپن خلاف بي اين پي مينگل سان تعلق رکندڙ مملڪتي وزير هاشم نوتزئي جو احتجاج ، بلوچستان جي ميمبرن جو واقعي خلاف واڪ آئوٽ ، قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو اجلاس ۾ بي اين پي مينگل سان تعلق رکندڙ مملڪتي وزير هاشم نوتزئي چيو ته وڍ ۾ هڪ شخص ايف سي اهلڪارن کي وٺي گهرن ۾ ڇاپا هنيا آھن، ايف سي جي اهڙن عملن کي ڪيستائين برداشت ڪيون؟ لڳي ٿو ته ڪو اسان کي پي ڊي ايم اتحاد کان ڌار ڪرائڻ چاهي ٿو،  اسلم ڀوتاڻي چيو ته هڪ شخص پاڻ کي ايف سي ۽ آءِ ايس آءِ جو سڏرائي ٿو ان اها ڪاروائي ڪرائي آھي، آءِ ايس آءِ ۽ ايف سي وارا ان کي لاتعلقي ظاهر ڪري رهيا آھن اسپيڪر صاحب اوهان هن مامري جو نوٽيس وٺو،  مير منور ٽالپر چيو ته ان عمل جي مذمت ڪيون ٿا هاشم نوتزئي واڪ آئوٽ جو اعلان ڪيو جنهن بعد هاشم نوتزئي ،خالد مگسي ، روبينا عرفان، اسرارترين، زوبيده جلال ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ ٻيا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا.  گهرو مامرن جي مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ان مامري جي جاچ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي حڪومتي اتحادين جي واڪ آئوٽ بعد وزير اعظم سان مٿي ڄاڻايل ميمبرن ملاقات ڪئي وزير اعظم کين ان حوالي سان ڪاروائي جي خاطري ڪرائي وئي آھي.