عمرڪوٽ (رپورٽر) شهري شرافت راجپوت جي قتل ۾ ملوث جوابدار جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندڙ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن وٽ ڪالهه ٻيھر ٻن ڊي ايس پيز سميت 05 پوليس عملدار پهتا، جن بک ھڙتالي ڪئمپ تي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيون ۽ جوابدار کي جلد گرفتار ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ان ڏس ۾ پوليس عملدارن جي اهڙي خاطري بعد ايڪشن ڪاميٽي اڳواڻن حاجي ساند، عدنان راجپوت، سومار قادري ۽ ٻين بک ھڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اڳواڻن چيو ته پوليس جوابدار کي جلد گرفتار نه ڪيو ته ٻيھر بک ھڙتال شروع ڪئي ويندي، هوڏانهن ان کان اڳ پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي وفد صوفي نواز سومرو جي اڳواڻي ۾ ڪئمپ تي پھچي ھمدردي جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ فون تي مقتول جي وارثن سان ھمدردي جو اظھار ڪيو.