اڏيرولال (ن پ ا) اڏيري لال لڳ ڳوٺ بچل ورياهه جي ڳوٺاڻن پاران ايس ايچ او اوڏيرولال وليج پاران جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ بااثر جوابدارن پاران ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪين خلاف احتجاج ڪيو ويو. الهبچايو ورياهه ، گل محمد ورياهه ۽ لکاڏنو ورياهه ۽ ٻين چيو ته پوليس بااثرن جي ونگارو بڻيل آهي، جنهن سبب اهو بااثر جوبدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، بااثر روزانو گهرن مٿان هوائي فائرنگ ڪري هراسان ڪن ٿا ۽ فون ڪري پڻ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ڪوبه نقصان پهتو ته ان جو ذميوار ايس ايچ او، اوڏيرولال وليج هوندو.