جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ بيروزگار معذور نوجوان نوڪري نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. بدين جي ڳوٺ پتافي ٽيل جي رهواسي 25 سالا نوجوان حبيب الله پتافي احتجاج ڪندي چيو ته هو پوليو سبب ٻنهي ڄنگهن کان معذور آهي، خاندان وٽ روزگار جو ڪو به ذريعو ناهي، جنهن سبب فاقا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هن مطالبو ڪيو ته نوڪري ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.