لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سچل ٿاڻي جي پوليس مبينا اغوا ڄاڻايل شهر جي نيو لهر ڪالوني واسڻ نوجوان ناري شگفته ٿهيم کي هٿ ڪري وومين ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، جتان ڪالهه ناري کي وومين ٿاڻي جي پوليس پنجين سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي ناري جي بيان بعد عدالت کيس دارلامان حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ناري شگفته ٿهيم ٻڌايو ته گهران نڪري زبير سيهڙ سان پسند جو پرڻو ڪرڻ پئي چاهيو پر ان کان اڳ پوليس ڇاپو هڻي زبير کي گرفتار ڪري مون کي وومين ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ پيش ڪيو ويو . هن چيو ته هينئر منهنجي مون پنهنجي والدين ۽ ٻين مائٽن مان جان جو خطرو آهي، تنهن ڪري مون عدالت کي گذارش ڪئي هئي ته مون کي دارلامان حوالي ڪيو وڃي. ٻئي طرف ڪنگا پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري جي اغوا ڪيس ۾ گرفتار ٻن جوابدرن زبير ۽ رياض سيهڙ کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کين ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد ناري کي سخت پوليس پهري هيٺ دارلامان منتقل ڪيو ويو.