حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت منشيات ڪيس مان جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو، چوري ۽ پوليس مقابلي ڪيس مان ٻن جوابدارن جي پڪي ضمانت منظور ڪئي وئي. ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ فورٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت جوابدار شان علي سولنگي کي بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. فورٽ ٿاڻي جي پوليس جوابدار خلاف 205 گرام چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو. ساڳي عدالت اي سيڪشن ۽ حسين آباد پوليس پاران چوري ۽ پوليس مقابلي واري داخل ڪيسن مان ٻن جوابدارن امداد علي ۽ ديدار علي جي 50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض پڪي ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس ٻنهي ڄڻن خلاف چوري ۽ پوليس مقابلي جا ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا هئا. سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 12 جي عدالت جهيڙي ڪيس مان ڌرين ۾ راضي نامي بعد جوابدار نظر محمد کي بري ڪري ڇڏيو آهي. هوسڙي پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار خلاف جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو هو.