عمرڪوٽ (رپورٽر) نوڪرين سميت مختلف معاملن ۾ نظرانداز ڪرڻ خلاف معذور نوجوانن انصاف جو علامتي جنازو کڻي  ريلي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي محبوب خاصخيلي، انور نھڙي دلدار ۽ ٻين دانيهندي چيو ته اسان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، معذور ڪوٽا تي نوڪري به نه ٿي ملي، مهانگائي جي دور ۾ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهيون، نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن.