خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ فيض آباد ڪالوني جا رهواسي ٻه نينگر عبدالحئي پٽ عبدالجبار مڱڻيجو ۽ نمير احمد پٽ رفيق احمد مڱڻيجو گذريل ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني لاپتا بڻيل، وارث پريشان. ان ڏس ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگرن جي وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر عبدالحئي مڱڻيجو ۽ نمير احمد مڱڻيجو ٻه ڏينهن اڳ گهران نڪري ويا ته واپس نه موٽيا آهن سندن ڳولا ڪرڻ جي باوجود ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. وارثن موجب حد جي پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو آهي پر نينگرن جو ڪوبه پتو نه پئجي سگهيو آهي. وارثن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته گم ٿي ويل نينگرن جي ڳولا ۾ مدد ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.