باڊھه (ن پ ا) باڊھه ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، باندي بڻايل هٿ نه آيا، شھر جي زڪريا ڪالوني واسي ڪالر خان جلباڻي وڪيل معرفت سيشن ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته باڊھه پوليس سندن 3 نوجوانن سلطان احمد، زمان ۽ مير حسن جلباڻي کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جنهن تي عدالت سول جج 2 بلاول رفيق بروهي کي ريڊ ڪمشنر مقرر ڪيو، جنهن باڊھه ٿاڻي تي ڇاپو هڻي لاڪپ سميت ٿاڻي جي ٻين هنڌن جو معائنو ڪيو ۽ رڪارڊ چيڪ ڪيو، جنهن دوران گرفتار ٿيل هٿ نه آيا، جج ايس ايچ او باڊھه کي رڪارڊ سميت ڏوڪري عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.