نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ ڀرسان 3 سال اڳ پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان نصير چانڊيو جي خون جي جاچ نه ٿي سگهي، وارث سندس 3 ورسي تي لڙڪ لاڙي ويٺا، ان ڏس ۾ ڳوٺ ستار چانڊيو ۾ ڪراچي سکن ٿاڻي جي پوليس ۽ نئون ڪوٽ پوليس پاران ڳوٺ ستار چانڊيو تي چڙهائي ڪري  مبينا  مقابلي ڄاڻائي نوجوان نصير چانڊيو کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو هو، نوجوان جي  3هين ورسي جي موقعي تي وارثن پاران آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري،   ان موقعي تي وارثن عاشق علي چانڊيو، ارباب علي، عبداللطيف چانڊيو ۽ ٻين چيو ته پوليس اسان جي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، مامري جي جاچ ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.