اٽي جو بحران ۽ مهانگائي خلاف سنڌ سراپا احتجاج، مُک شاهراهه بلاڪ

0
346
عمرڪوٽ ۾ اٽي جي اگهن

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اٽي جي بحران ۽ مهانگائي خلاف ٻئي ڏينهن به سخت احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

عمرڪوٽ ۾ شهرين جو اٽي جي مهانگن اگهن تي وڪري خلاف الله واري چوڪ تي ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو جاري آهي

 پي ٽي آءِ جا ڪارڪن به ريلي جي صورت ۾ ڌرڻي ۾ شامل ٿي ويا، ڌرڻي سبب مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي

ڪوٽڙي ۾ اٽو مهانگو ٿيڻ خلاف شهرين نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ٽريفڪ معطل ٿي وئي

 شادي لارج، نبي سر روڊ، فيض گنج، ڪڙيو گهنور ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن

سانگهڙ، گهوٽڪي ۽ قاضي احمد ۾ سستي اٽي جي اسٽالز ۽ گاڏين تي خلق اٿلي پئي،  قاضي احمد ۾ اٽو وٺندڙ عورتون پاڻ ۾ وڙهي پيون

 وڳڻ ۾ مهانگائي خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميهڙ ۾ اٽي کانپوءِ مرغي جو گوشت  به 6 سئو روپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن

هي به پڙهندا

لاڙڪاڻي ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جون شاگردياڻيون امتحاني فيس خلاف سراپا احتجاج