برلن(م ڊ) روس ۽ يوڪرين وچ ۾ هلندڙ جنگ جرمني جي معيشت جو جنازو ڪڍي ڇڏيو. پرڏيهي خبرن موجب جرمني ۾ مهانگائي 70 سالن ۾ چوٽ چڙهي وئي. 2021 ۾ جرمني ۾ مهانگائي جي شرح 3.1 سيڪڙو هئي، روس ۽ يوڪرين وچ ۾ هلندڙ جنگ جنگ سبب 2022 ۾ جرمني جي مهانگائي ۾ 7.9 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب 1951 ۾ جرمني ۾ ساليانو مهانگائي 7.6 سيڪڙو رڪارڊ ٿي هئي، مهانگائي ۾ واڌ جو سبب توانائي ۽ کاڌ خوراڪ جا وڌندڙ اگھه آهن.