واشگنٽن(م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته پاڪستاني عوام دهشتگرد حملن سبب تمام گهڻو ڀوڳيو آهي ۽ دهشتگردي خلاف پنهنجو بچاءُ ڪرڻ پاڪستان جو حق آهي. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ نيڊ پرائس چيو ته اسان پاڪستان جي قومي سلامتي ڪاميٽي جي تازي بيان کان باخبر آهيون. هن چيوته اسان جائزو وٺي رهيا آهيون ته طالبان جي فيصلن خلاف ڪهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا. نيڊ پرائس وڌيڪ چيو ته طالبان پنهنجا ڪيل واعدا پورا ڪن ته جيئن افغانستان جي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي.