لاڙڪاڻي ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جون شاگردياڻيون امتحاني فيس خلاف سراپا احتجاج

0
280

لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جون شاگردياڻيون امتحاني فيس خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويون آهن، لاڙڪاڻي ۾ نائين ۽ ڏهين درجي جي  شاگردياڻين پاران امتحاني فيس اوڳاڙڻ  خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو ويو

ٽن ڏينهن کان امتحاني فيس خلاف احتجاج ڪندڙ انگلش ماڊل اسڪول جي شاگردياڻين  اسڪول جي مک گيٽ آڏو گرلس ڊگري  ڪاليج روڊ تي ڌرڻو هنيو، سخت نعريبازي ڪئي وئي

شاگردياڻين جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار صوبي ۾ مفت تعليم جي  اعلان کي پٺي ڏيندي ڳري امتحاني  فيس اوڳاڙي رهي آهي، برسات جي تباهڪارين بعد  والدين 2 ويلا ماني لاءِ پريشان آهن،  ڳري فيس ڪٿان آڻيون؟

شاگردياڻين چيو ته جيڪي امير آهن انهن جي لاءِ ته ڪو مسئلو ناهي پر جيڪي غريب ۽ ٻوڏ متاثر شاگرد ۽ شاگردياڻيون آهن اهي امتحاني فيس نٿا ڏئي سگهن، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته امتحاني فيس معاف ڪئي وڃي

هي به پڙهندا

سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون سراپا احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا