فيصل آباد ۾ گهريلو ملازم نينگري تي تشدد ۽ جنسي زيادتي، ڪُتي جو بچيل کاڌو کارائڻ جو الزام

0
237

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) فيصل آباد ۾ گهريلو ملازمه نينگري تي تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي جو واقعو سامهون آيو آهي، فيصل آباد جي علائقي بلال نگر ۾ 11 ورهين جي گهريلو ملازمه تي مبينا تشدد ۽ جنسي ڏاڍائي جو واقعو پيش آيو

پوليس موجب نينگري جي ماءُ جي فرياد تي گهر مالڪ،  مالڪياڻي، ڌيءُ ۽ ناٺي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

نينگري جي ماءُ دعويٰ ڪئي آهي ته مالڪ جي ناٺي ڇوڪري کي ڪيترائي ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، ماءُ اهو به الزام هنيو ته ڇوڪري کي ڪُتي جو بچيل کاڌو کارايو ويو

داخل ٿيل ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته مالڪ جي ناٺي نينگري کي ڪيترائي ڀيرا جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو، 3 ڏينهن اڳ مالڪ جي گهر جي باٿروم مان ڌيءَ کي بازياب ڪرايو

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جو طبي معائنو ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي

هي به پڙهندا

خيرپور ۾ ٽن نارين پاران پيءُ تي جنسي زيادتي جا سنگين الزام