اسحاق ڊار کان ڪنهن ٻئي جو وزير بڻجڻ برداشت ناهي ٿيندو: مفتاح اسماعيل

0
267
اسحاق ڊار اکن ڪنهن ٻئي جو وزير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسحاق ڊار اکن ڪنهن ٻئي جو وزير بڻجڻ برداشت ناهي ٿيندو، اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بڻجڻ جو وڏو شوق هو

هڪ بيان ۾  مفتاح اسماعيل چيو ته منهنجي وزارت سنڀالڻ بعد اسحاق ڊار منهنجي خلاف 6 مهينن تائين مهم هلائي ۽ ٽي وي تي پروگرام ڪرائيندو هو

 ناڻي واري اڳوڻي وزير مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو آهي ته وزيراعظم مونکي وزارت تان هٽائڻ نه پئي چاهيو

هن چيو ته اسحاق ڊار نواز شريف کي چيو ته مونکي وزير بڻايو ته پيٽرول سستو ڪندس، وزيراعظم کي مونکي هٽائڻ جو اختيار هو

مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته جهڙي طرح  مون کي هٽايو ويو، اُهو طريقو صحيح نه هو، اُن ۾ ڪو شڪ ناهي ته عمران خان سٺو سياستدان آهي

هي به پڙهندا

عوام ڪڪڙ کائڻ بند ڪري، اُن جي فيڊ صحت لاءِ نقصانڪار آهي: وفاقي وزير