عوام ڪڪڙ کائڻ بند ڪري، اُن جي فيڊ صحت لاءِ نقصانڪار آهي: وفاقي وزير

0
279
عوام ڪڪڙ کائڻ بند ڪري
عوام ڪڪڙ کائڻ بند ڪري، اُن جي فيڊ صحت لاءِ نقصانڪار آهي: وفاقي وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما چيو آهي ته اسلام آباد ۾ اٽي جي 17 هزار بيگز جو شارٽ فال آهي، مان رڳو اسلام آباد جي حد تائين اٽي جي اگهن جو ذميوار آهيان
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزير طارق بشير چيما چيو ته اٽي ۽ ڪڻڪ جي قيمتن جو تعين صوبائي حڪومتون ڪنديون آهن، صوبن ۾ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي ذميواري آهي، فلور ملز هٿرادو طور قيمتون وڌائي رهيون
طارق بشير چيما چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار مقرر ڪيو آهي، امدادي قيمت مقرر ڪرڻ کان اڳ هاري جي قيمت کي ڏٺو وڃي، 4 هزار سپورٽ پرائيس تي مزودر اٽو ڪيئن خريد ڪري سگهندو؟
هن چيو ته گذريل سال هڪ لک ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي پر هڪ ڪلو کنڊ اڃا تائين ايڪسپورٽ ناهي ڪئي وئي، عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ سستي ٿي وئي آهي
هن چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ مهانگائي اسان جو مسئلو ناهي، مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ صوبائي حڪومتن جو مسئلو آهي
طارق بشير چيما چيو ته ڪڻڪ جي اسٽريٽجڪ ذخيرن کي هٿ نه ٿو لڳائي سگهجي، هو روزاني جي بنياد تي فوڊ سيڪيورٽي جي ذخيرن کي ڏسي رهيا آهن
هن چيو ته فارمز ۾ جيڪي فيڊ ڪڪڙ کي ڏني وڃي ٿي اُها خطرناڪ ۽ زهر آهي، اِن ڪري مان عوام کي اپيل ڪندس ته فارمي ڪڪڙ کائڻ کان پاسو ڪن

هن کي به پڙهندا

ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ اربين ڊالرز جي ضرورت آهي:وزيراعظم

عمران خان پارٽيءَ جي سربراهيءَ تان هٽائڻ واري اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي چئلينج ڪري ڇڏيو