ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان مشروط ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون: راڻا ثناءُ الله

0
268

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان کي مشروط طور ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر ان لاءِ بنيادي شرط اهو آهي ته هو آئين ۽ قانون آڏو هٿيار ڦٽا ڪن
اسلام آباد ۾ آءِ جي پوليس ناصر اڪبر خان سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته اسلام آباد پوليس پنهنجو فرض بهتر نموني سان سرانجام ڏئي رهي آهي
هن چيو ته اسلام آباد پوليس مطالبو ڪيو ته سندن پگهار پنجاب پوليس جي برابر ڪئي وڃي، سندن مطالبا پورا ڪيا ويا آهن
هن چيو ته پارليامينٽ تي حملي جو معاملو ميڊيا ۾ اٿاريو ويو، اهو خوف پکيڙڻ جو سبب هو، ماڻهن کي ڊيڄارڻ به دهشتگرديءَ جو عنصر آهي
گهرو وزير چيو ته سي ٽي ڊي جا ٻه اهلڪار مارجي ويا، انهن مان هڪ نويد سيال کي مان ذاتي طور سڃاڻان ٿو، جنهن پنهنجي جان خطري ۾ وجهي وڏا ڪم مڪمل ڪيا، پر ڪالهه دهشتگردي جو حملو ٿيو ۽ هو شهيد ٿي ويو

هن کي به پڙهندا

دهشتگرديءَ خلاف دفاع ڪرڻ پاڪستان جو حق آهي:آمريڪا

ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ اربين ڊالرز جي ضرورت آهي:وزيراعظم

عمران خان پارٽيءَ جي سربراهيءَ تان هٽائڻ واري اليڪشن ڪميشن جي نوٽيس کي چئلينج ڪري ڇڏيو

عوام ڪڪڙ کائڻ بند ڪري، اُن جي فيڊ صحت لاءِ نقصانڪار آهي: وفاقي وزير