سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون سراپا احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا

0
349

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امتحاني  فيس معاف نه ڪرڻ خلاف لاڙڪاڻي ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون رستن تي نڪري آيا، مختلف اسڪولن ۾ ڪلاسز جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد شاگردن جي احتجاجي ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو

ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن جي ڪمائي جو اڪيلو ذريعو زراعت تباهه ٿي وئي، هنن جو چوڻ هو ته سرڪار ايڏي وڏي تباهي باوجود ڳريون امتحاني فيس اوڳاڙي اسان جي تعليم تباهه ڪرڻ چاهي ٿي

شاگردن دانهون ڪندي چيو ته اسان جا ٻوڏ متاثر والدين ايڏيون ڳريون فيس ڪيئن ادا ڪندا؟  برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڀ ڪجهه تباه ٿي ويو

شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مطالبو ڪندي چيو ويو ته اسان جي زراعت تباه ٿي وئي، حڪومت وقت تائين ڪا به واهر نه ڪئي،امتحاني فيس معاف ڪري انصاف ڪيو وڃي

ڏوڪري ۾ به نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ريلي

ڏوڪري: ٽاٽڙي هائير سيڪنڊري اسڪول جي نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو طرفان امتحاني فيس اوڳاڙڻ خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين فراز ٽاٽڙي، محمد عظيم جهتيال، راشد، شبانا، مُرڪ ۽ ٻين تعليمي بورڊ لاڙڪاڻي جي انتظاميا خلاف ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي

شاگردن ۽ شاگردياڻين دانهيندي چيو ته ٻوڏ ۽ برسات سبب گهر ڊهي پيا، فصلن کي نقصان ٿيو، امتحاني فيس وٺي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ظلم بند ڪيو وڃي

نصير آباد ۾ ڳاٽي ٽوڙ امتحاني فيس جي اوڳاڙيءَ خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ صحافين کي لٺيون هڻندڙ بدمست ايس ايڇ او خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي

شاگردن جو نصير آباد انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو جاري هيو ته اتان گذرندڙ ايس ايڇ او وڳڻ منظور چانڊيو شاگردن تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو

ايس ايڇ او واقعي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي به تشدد جو نشانو بڻايو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ باوجود بدمست ايس ايڇ او خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي، شاگردن ۽ صحافين پاران ايس ايڇ او کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

 

هي به پڙهندا

منهنجو به ڪڏهن پکي ۾ ٽنگيل لاش ملندو! پروين رند جي دادو ۾ بک هڙتال