عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ شهر جي ميگهواڙ پاڙي واسي نوجوان گويند ميگهواڙ ولد راڻو ميگهواڙ مبينا طور اغوا ٿيڻ کان پوءِ ڪنري روڊ ڀرسان هڪ هوٽل تي بيهوشي واري حالت ۾ هٿ اچڻ واري مامري جو نوجوان جي والد راڻو ميگهواڙ جي فرياد تي سٽي ٿاڻي تي جوابدار مستري پرڪاش ميگهواڙ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪيس ۾ زهريلي شيءِ کارائڻ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا آهن ۽ عمرڪوٽ پوليس جوابدار پرڪاش ميگهواڙ کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته بيهوش ٿي ويل نوجوان گويند ميگهواڙ جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي جڏهن ته عمرڪوٽ پوليس جوابدار پرڪاش ميگهواڙ کي اڄ رمانڊ لاءِ سول جج اينڊ مئجسٽريٽ جي عدالت آڏو پيش ڪندي.