ٽنڊورحيم خان/ قصبو (نمائندن وٽان) ڪاڇي ۾ آيل نئين گاج کي 8 ڏينهن گذرڻ باوجود ٽٽل رستا بحال ٿي نه سگھيا، ضلعي انتظاميان ۽ چونڊيل نمائندن ڪاڇي واسين جي سار نه لڌي، متاثر بي يارو مدد گار ويٺل، رپورٽ موجب ڪاڇي ۾ آيل نئين گاج کي 8 ڏينهن گذرڻ باوجود ٽٽل رستا بحال ٿي نه سگھيا آهن، سوين ڳوٺن کي جوھي دادو سان ملائيندڙ روڊ رستا بحال نه ٿيڻ سبب رهواسي سخت تڪليف کي منھن ڏئي رھيا آھن، ٻي طرف ڳوٺاڻن غلام حيدر لغاري، لعل بخش لغاري، غلام خان مستوئي، علي گوهر ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانيهندي چيو ته گاج ڊيوريشن بند جو ڪم نه ٿي سگهيو آهي، سنڌ سرڪار جي لاپرواهي سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏل آهن، رستا بحال نه ٿيڻ سبب کاڌ خوراڪ جون شيون کڏي ويون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.