نوري آباد )ن پ ا( جهمپير جي ڪوهستاني هزارين ايڪڙ ايراضي زمين ڄامشوري ضلعي جي ڄاڻائي صنعتڪارن کي وڪرو ڪرڻ وارو معاملو، وڏي وزير جي حڪم تي روينيو کاتي جي ٽيم مختيارڪار ٺٽو اقتدار رسول بهراڻي جي اڳواڻي ۾ جهمپير جي ڪوهستاني حدن ۾ شروع ڪيل اڏاوتي ڪم بند ڪرائڻ لاءِ صنعتي ڪمپني جي انتظاميا وٽ پهچي ويو، ان موقعي تي مختيارڪار ٺٽو اقتدار رسول بهراڻي ڪوهستان جي والار هيٺ آندل زمين واري هنڌ جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته ٺٽي جي حدن ۾ داخل ٿي ضلعي جي بائونڊري حدن ۾ وڏي ڦير ڦار ڪئي وئي آهي، جنهن بابت اعليٰ اختيارين کي آگاھ ڪيو ويو آهي، ھن چيو ته لبرٽي ڪمپني سميت ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي ديھه جهمپير 7 ڀاڱي 1 جي ايراضي زمين ڪُوڙن کاتن ذريعي ڄامشورو ضلعي جي ڄاڻائي شروع ڪرايل ڪنسٽرڪشن جو ڪم ۽ ڪارخانن جو ڪم روڪرايو ويو آهي، ھن چيو ته ڪوھستاني پٽي ۾ ٿيل سمورا غيرقانوني قبضا ۽ والارون ختم ڪري حقدارن کي پنھنجو حق ڏيارينداسين. هوڏانهن مڪان گوگهڙو ۾ والار ھيٺ آندل زمين واري ھنڌ تي احتجاج ڪندي ڪوھستان بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽرلکمير پالاري، محمد بخش بروھي، شاھ محمد چانگ، عبدالقادر پالاري، نظير شورو، حميد پالاري ۽ ٻين چيو ته ٺٽي جي ڪوهستاني علائقي جهمپير جي ديھه 7 ڀاڱي 1 مڪان گوگهڙو ۽ کڙيون جي هزارين ايڪڙ ايراضي زمين بااثر لينڊ مافيا ڄامشوري ضلعي جي ڄاڻائي صنعتي ڪمپنين جي مالڪن کي وڪرو ڪئي آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.