ميرواهه گورچاڻي (ن پ ا) ميرواهه گورچاڻي ٿاڻي جي حد ٻيلهاڙو شاخ اسٽاپ ڀرسان زميندار افتخار جٽ جي غير آباد زمين ۾ پوريل حالت ۾ هٿ آيل ڳريل لاش جي سڃاڻپ ميرواهه گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ علي مراد ڇڇر جي رهواسي 22 ورهين جي نوجوان زاهد حسين پٽ سلطان ڪنڀار طور ٿي وئي، فوتي نوجوان جي پيءُ ميرواهه صحت مرڪز پهچي جسم تي پهريل ڪپڙن مان سڃاڻپ ڪئي، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، سندن وارثن جو چوڻ آهي ته پٽ عيد جي ڏينهن ميرواهه وڃڻ جو چئي گهران نڪتو هو جيڪو ٽن ڏينهن تائين گهر واپس نه موٽيو جنهن جي موٽر سائيڪل عيد جي ٻئي ڏينهن سمن ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ ڪانڀو خان مري وٽان لاوارث حالت ۾ ملي ۽ لاش وري ڪالهه ٻيلهاڙو شاخ اسٽاپ ڀرسان زميندار افتخار جٽ جي زمين منجهان هٿ آيو ٻئي پاسي ميرواهه گورچاڻي پوليس جي ايس ايچ او پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته فوتي نوجوان کي مٿي تي سخت تشدد سبب ميڄالو ٻاهر نڪتل هو، اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي ڪنهن قتل ڪيو آهي اسان مختلف طريقن سان جاچ ڪري رهيا آهيون، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.