شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور ۾ چاچي پاران معصوم ڀائٽي سان زيادتي جو ڪيس داخل، جوابدار قانوني جي پڪڙ ۾ نه اچي سگهيو، ان ڏس ۾ راجپوت ڪالوني واسڻ 7 سالن جي نينگري ماهه نور کي سندس 35 ورهين جي سڳي چاچي عمران راجپوت پاران مبينا طور جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. نينگري جو شهدادپور انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائينسز اسپتال مان ميڊيڪل چڪاس ڪرايو ويو، چڪاس ڪندڙ ڊاڪٽرياڻين موجب جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويندا حتمي رپورٽ اچڻ بعد سموري حقيقت سامهون ايندي. ٻئي طرف پوليس گذريل رات دير سان نينگري جي پورهيت پيءُ الطاف راجپوت جي فرياد تي جوابدار عمران راجپوت خلاف ڪيس داخل ڪيو، فريادي موقف اختيار ڪيو ته ڀاءُ عمران منهنجي 7 ورهين جي ڌيءُ ماهه نور کي مسلسل ٻن مهينن کان جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي، ڌيءُ پنهنجي امڙ کي سموري حقيقت کان آگاهه ڪيو جنهن بعد قانوني ڪارروائي لاءِ ڪيس داخل ڪرايو آهي ته ڀاءُ کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ٻئي طرف الزام هيٺ آيل جوابدار عمران کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي. ان سلسلي ۾ شھدادپور ٿاڻي جي انچارج آغا شمشاد موجب جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن کيس تمام جلد گرفتار ڪيو ويندو ۽ جوابدار پنهنجو موبائل گهر ڇڏي فرار ٿيو آهي جنهن سبب کيس گرفتار ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ذريعن موجب گذريل ڏينهن ڪيس داخل ٿيڻ کان اڳ الزام هيٺ جوابدار عمران راجپوت کي سندس ڀائرن گهر مان نيڪالي ڏني هئي ۽ اهو چيو ويو ته اهڙو ڪڌو ڪم ڪرڻ بعد هو شھدادپور ۾ نه رهندو.