عمرڪوٽ (رپورٽر) پرائمري اسڪول جي  شاگردياڻي کي مبينا طور کنڀڻ جي ڪوشش، ان ڏس ۾ پورهيت قادر پٽ حبيب الله پلي سندس معصوم ڌيءُ روزينا سان گڏ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو،  ان موقعي تي پورهيت دانهيندي چيو ته منهنجي نياڻي روزينا  موسي’ ڪنڀر اسڪول ۾ پڙهي ٿي، هن چيو ته بااثر منظور ٽنگڙي ۽ ٻين منهنجي ڌيءُ کي اسڪول مان کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويا، هن چيو ته  منهنجي حياتي کي پڻ انهن مان خطرو آهي، منهنجي زال روبينا مونکي ڇڏي منظور ٽنگڙي سان شادي ڪري ڇڏي آهي، منهنجا ٻار به زال وٽ آهن هڪ نياڻي مون وٽ آهي جنهن کي آئون پڙهايان پيو، معاملو ڪنري جي عدالت ۾ پڻ هلندڙ آهي، ٻي طرف نينگري   روزينا چيو ته منهنجي ماءُ خراب صحبت ۾ اچڻ ڪري ڏوهاري ماڻهن سان رشتو جوڙيو آهي، جيڪو مونکي  پسند ناهي، آئون پنهنجي پيءُ سان گڏ رهي پڙهڻ چاهيان ٿي.