سکر (بيورورپورٽ) نامور شاعر ۽ اديب تاج جويي چيو آھي ته چونڊن جي اعلان کان پوءِ چيو ويو ته الڳ ٿيل دوستن کي شامل ڪجي، پر اسان چاھيون ٿا ته چونڊن بعد اداري ماتحت بعد ساڻن ڳالھيون ڪجن. اھو تاثر غلط آھي ته ادبي سنگتون ٻه آھن، ادبي سنگت ھڪ آھي، نقطه نظر مختلف ٿي سگھن ٿا. جيڪڏھن اسان چونڊجي آياسين ته مشتاق ڦل، ذوالفقار سيال سميت ڌار ويٺل دوستن کي آئيني طريقي سان سنگت ۾ شامل ڪنداسون ۽ ساڻن ڳالهائينداسين ته هو به سنگت کي ايئن پنھنجو سمجھن جيئن اسان کين پنهنجو سمجھون ٿا. اھڙن خيالن جو اظھار ھن سنڌي ادبي سنگت روھڙيءَ طرفان سکر ڪلچرل ڪامپليڪس تنوير عباسي ھال ۾ نامياري شاعر مرحوم درگاھي ميراڻيءَ جي شاعريءَ جي ڪتاب “تنوارون” جي مھورت تقريب کي خطاب ڪندي نامور شاعر ۽ اديب ايازگل ۽ ادل سومري چيو ته ته درگاھي ميراڻيءَ جي شاعري ۾ راڳداري تمام گھڻي ھئي، چو ته جيسيتائين شاعريءَ ۾ رڌم موسيقي ناھي تيستائين اھا شاعري مقبول نٿي ٿئي، اختر درگاھي پنھنجي والد جو ڪتاب تنوارون ڇپرائي تاريخي ڪم ڪيو آھي. تقريب ۾ ممتاز بخاري، ياسين جوڻيجو، امر اقبال، ابراھيم کرل، محمد علي سھتو، ارشد شاھ، آزاد انور ڪانڌڙو، سجاد ميراڻي، حسن شيخ، منظور بيدار، اميرعلي بروھي، گل جوڻيجو، خواجه ذوالفقار، ضياءَ  ڀٽي، سرورسيف، حسين سارنگ، صغير بخاري، گلشير شر سميت شاعرن، اديبن فنڪارن وڏي تعداد شرڪت ڪئي.