اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشه خانه ڪيس ۾ نيب طلبي جي نوٽيسز خلاف عمران خان ۽ سندس گهرواري جون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏئي ڇڏيون، نيب کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ  محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، پي ٽي آءِ جي وڪيل خواجا حارث دليل ڏيندي چيو ته ترميمي قانون چوي ٿو ته اهو ٻڌائڻ لازمي آهي ته توهان ڪنهن کي ڇو گهرائي رهيا آهيو، خواجا حارث نيب جا نوٽيس عدالت آڏو پيش ڪيا ۽ چيو ته انهن ۾ رڳو لکيل آهي ته انڪوائري آهي، عدالت نيب جي پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي نوٽيسز ۾ عدالتي حڪمن تي عمل نظر نه ٿو اچي، عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏئي ڇڏيون.