اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي ٻن ججز پاران سپريم جوڊيشل جو اجلاس گهُرائڻ جو مطالبو، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس طارق مسعود طرفان چيف جسٽس کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته  پاڪستان بار طرفان جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي خلاف شڪايت ڪئي وئي، جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس گهرائي جج مٿان لڳل الزامن جو جائزو ورتو وڃي، آئين جَي آرٽيڪل 209 تحت سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي قائم ڪيو ويو، چيف جسٽس صاحب! اسان انتظار ڪري رهيا آهيون ته جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ڪڏهن ٿا گهرايو؟، اجلاس گهرائي تعين ڪيو وڃي ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي مٿان الزام صحيح آهي يا غلط؟ الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ جج خلاف آئين تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.