اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان کي سيڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ واري درخواست تي وفاق ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، 6 اپريل تي جواب طلب ڪيو ويو آهي، عدالت گهرو وزير رانا ثناءُ الله جي بيان خلاف ۽ عمران خان جي سڪيورٽي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي هلائي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا عمران خان کي اڳوڻي وزيراعظم طور سڪيورٽي نه ٿي ڏني وڃي؟ ڪنهن کي  خطرو هجي ته سڪيورٽي جو ڇا طريقيڪار آهي؟ وڪيل فيصل فريڊ ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته عمران کان سڪيورٽي واپس ورتي وئي آهي، پوليس جنهن جي ماتحت آهي اهو ئي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد حڪومت کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 6 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.