چشتيان (م ڊ) مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ مريم نواز شريف چيو آهي ته عمران کي سياسي ميدان ۾ گهر تائين ڇڏي ايندس، هي پاڪستان جي سڀ کان وڏي تباهي آهي چشتيان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنهن شخص گهر جي عورتن کي ڦرلٽ تي لڳايو هجي ان کي ڪهڙو احساس ٿيندو. هي فتنو خان آهي انتشار خان آهي هي فتنو ۽ انتشار نه پر پاڪستان جي سڀ کان وڏي تباهي آهي. حڪومت ۾ هجي ته تباهي، ٻاهر هجي ته تباهي، ملڪ جي، اخلاقي قدرن جي تباهي، ناپاڪ زبان سان نبي جو نالو کڻي ٿو پر مائيڪ تي بيهي ٺٺوليون ٿو ڪري کيس شرم به نه ٿو اچي. هن چيو ته فتنه خان کي باهر جي طاقتن لانچ ڪيو اهو به فنڊ ڏئي ته جيئن ملڪ کي تباهه ڪري. هن ڪروڙين رپيا پاڪستان جي دشمنن کان ورتا آهن. ڇا هن کي پئسا حلوه پوري کائڻ لاءِ مليا آهن؟ اهي پئسا کيس اهو ڪرڻ لاءِ مليا آهن جيڪو ڪري رهيو آهي ان تباهي لاءِ مليا آهن جيڪا پاڪستان ۾ آڻي رهيو آهي. ان باهه لڳائڻ لاءِ ڏنا آهن جيڪا باهه هو لڳائي رهيو آهي. هن چيو ته منهنجي مهانگائي واري ٽوئيٽ تي حڪومت ڪاوڙ ڪئي پر مون چيو ته توهان جي ڪاوڙ جي پرواهه ناهي آئون عوام سان گڏ بيٺي آهيان. هن چيو ته پاڪستان ٺاهيندڙ ن ليگ کي ووٽ ڏيڻ گناهه ۽ هن کي ووٽ ڏيڻ ثواب ڪيئن آهي؟ کيس آرمي چيف جي مقرري جو وڏو فڪر آهي، تنهنجي مقرري ميرٽ تي ٿي هئي جو ميرٽ جي ڳالهه ڪرين ٿو، توکي چونڊڻ لاءِ نواز شريف کي ڌيءُ سميت گرفتار ڪرائي آر ٽي ايس ڪيرايو ويو هو. هن چيو ته ن ليگ جي بدقسمتي اها آهي ته نواز شريف جو مقابلو ان شخص سان آهي جيڪو شيطان به آهي ته گهٽيا به آهي.