پشاور (م ڊ) پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اهي حڪومت ٺهڻ تي به نچندا آهن ۽ وڃڻ تي به نچندا آهن. پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو حڪومت ٺهندي آهي تڏهن به ڪپتان جو ويزن هوندو آهي، جڏهن ڪِرندي آهي تڏهن به ڪپتان جو ويزن هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جا پڙهيل لکيل ماڻهو وري اهڙين ڳالهيون ٻڌي پراميد هوندا آهن.