اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته حڪومت عمران خان کي گرفتار ڪري سگهي ٿي پر ان جو فائدو پي ٽي آءِ کي ٿيندو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران کي نااهل يا گرفتار ڪري سگهجي ٿو، پر ان جي اسان کي ڪا پرواهه ناهي، ان سان پي ٽي آءِ ۽ عمران خان وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي 35 استعيفائن جي منظوري ناانصافي آهي، اسان قومي اسيمبلي ۾ واپس اچڻ جو چيو ته استعيفائون منظور ڪيون ويون. هن چيو ته اهو فيصلو غلط آهي پر اسان ان کي عدالت ۾ چئلينج نه ڪنداسين.