اسلام آباد(م ڊ) پي ڊي ايم جي حڪومت عمران خان کي هڪ ٻيو وڏو سرپرائز ڏيڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. پي ٽي آٰءِ جي وڌيڪ 15 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪيون وينديون. عمران خان جي ويجهو سمجهيا ويندڙ ايم اين ايز ڊي سيٽ ڪرايا ويندا. ڊي نوٽيفاءِ ٿيل 35 ميمبرن کي 24 ڪلاڪن اندر سرڪاري گهر خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم به ڏنو ويو آهي. ان وقت بعد آپريشن به ڪري سگهجي ٿو. هو سڀ فيڊرل لاجز ۾ رهندڙ آهن.