لاهور (م ڊ) عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش، دهشتگردي جي 8 ڪيسن ۾ جمعي تائين حفاظتي ضمانت منظور، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته خان صاحب توهان ڪيس کي غلط هينڊل ڪيو، سسٽم سان گڏ هلندا ته ٺيڪ رهندو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان خلاف لاهور ۽ اسلام آباد ۾ داخل دهشتگردي جي 8 ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. جسٽس طارق سليم شيخ ۽ جسٽس فاروق حيدر تي ٻڌل 2 رڪني بينچ عمران خان طرفان دهشتگردي جي ڪيسن ۾ داخل حفاظتي ضمانت بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان پيش ٿيو، عدالت ٻاهران اينٽي رائٽ فورس مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته وڪيل جي درخواست تي عمران خان جي بُلٽ پروف گاڏي کي عدالتي احاطي ۾ اچڻ جي اجازت ڏني وئي، عمران عدالت ۾ ڪارڪنن جي هجوم سان گڏ پهتو، عدالت ٻاهران ڪارڪن ۽ اڳواڻ وڏي تعداد ۾ موجود رهيا. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 5 ڪيس اسلام آباد ۾ ۽ 3 ڪيس لاهور ۾ داخل آهن، عمران خان لاڳاپيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر ڪجهه ڪيسن جا تفصيل اسان وٽ ناهن. جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته اسان انهن ئي ڪيسن کي ڏسنداسين، جن جون درخواستون اسان وٽ آهن، اسان توهان کي بلينڪٽ بيل نٿا ڏئي سگهون. عمران خان عدالت ۾ بيان ڏنو ته ايترا وڌيڪ ڪيس آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي، هڪ ۾ ضمانت وٺون ته ٻئي ۾ پرچو اچي ويندو آهي، منهنجي گهر تي اهڙو حملو ٿيو جهڙو اڳ ۾ نه ٿيو، جنهن تي جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته جيڪڏهن توهان سسٽم سان گڏ هلندئو ته ٺيڪ رهندو آهي، توهان کي پنهنجي معاملن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. عمران خان چيو ته مون ڪچهري ۾ سيڪيورٽي سبب عدالت کي شفٽ ڪرڻ جو چيو، اهو ته ڊيٿ ٽريپ آهي، مون چيو هو مناسب سيڪيورٽي ڏيو، جنهن تي جسٽس طارق سليم چيو ته خان صاحب! ان ڪيس کي توهان جي طرفان غلط هينڊل ڪيو ويو آهي. عمران خان جي وڪيلن عدالت کي ٻڌايو ته هيل تائين پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف 94 ڪيس ٿي چڪا آهن، 6 ٻيا ڪيس ٿي ويا ته سينچري ٿي ويندي، اها نان ڪرڪيٽ سينچري هوندي. ٻه رڪني بئنچ عمران خان جي دهشتگردي ٽوڙ قلمن تحت ڪيسن ۾ حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، عدالت ايندڙ جمعي تائين عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪئي. لاهور هاءِ ڪورٽ دهشتگردي جي 8 ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي، اسلام آباد ۾ داخل دهشتگردي جي 5 ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانت 24 مارچ تائين منظور ڪئي وئي، جڏهن ته لاهور ۾ داخل 3 ڪيسن ۾ عمران جي ضمانت 27 مارچ تائين منظور ڪئي وئي، عدالت عمران خان خلاف اڱاري تائين ڪارروائي به روڪي ڇڏيو. ان کانپوءِ جسٽس طارق سليم شيخ ٿاڻي جي ريس ڪورس سميت ٻين ڪيسن ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت تي ٻڌڻي ڪئي. عمران خان جي وڪيل چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ ضمانت واري درخواست غير موثر ٿي چڪي آهي، عمران خان خلاف گهيراءُ، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جي ڪيس ۾ حفاظتي ضمانت تي ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل عدالت کان حفاظتي ضمانت جي درخواست ڪئي. ان موقعي تي فواد چوڌري چيو ته ظل شاهه ڪيس ۾ عمران خان سميت سڀني خلاف ٻن ڪلاڪن اندر ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي. عمران خان جي وڪيل چيو ته لاهور جي سرور روڊ پوليس اسٽيشن جو ڪيس آهي، جنهن ۾ 10 ڏينهن جي ضمانت ڏني وڃي، هي ظل شاهه جو ڪيس آهي. وڪيل جي درخواست تي عدالت سرور روڊ ٿاڻي تي ڪيس ۾ 27 مارچ تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.