لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ 14 ۽ 15 مارچ تي زمان پارڪ ۾ پيش آيل واقعن جي جاچ لاءِ پوليس کي رسائي جي اجازت ڏئي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ زمان پارڪ تي پوليس آپريشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته قانون چوي ٿو جيڪڏهن سمن موڪلڻ تي ان تي عمل نه ڪيو ويو ته تاثر ويندو آهي ته رياست جي رٽ ناهي، اهڙو مسئلو ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي. ان کان علاوه پوليس طرفان داخل ڪيل 14 ۽ 15 مارچ جي واقعن جي جاچ تائين رسائي جي درخواست تي به ٻڌڻي ٿي. جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته پوليس آپريشن جي درخواست تي به ڪارروائي ڪري رهيو آهيان. عدالت چيو ته پوليس جي درخواست ۾ پوليس سان سهڪار ڪرڻ جون هدايتون هونديون، جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته ايس ايس پي کي گهڻو زور نه وٺڻ گهرجي. جسٽس طارق سليم شيخ پڇاڻو ڪيو ته ڇا آئون جاچ ڪنٽرول ڪري سگهان ٿو؟ عمران خان جي وڪيل چيو ته جاچ آفيسر وڃي ڪيس جي جاچ ڪري، جنهن تي عدالت پوليس کي قانون موجب جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي.