ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪي اسپنر عمران طاهر ۽ نيوزيلينڊ جو ٽي ٽوئنٽي اسپيشلسٽ ڪولن منرو مينٽور طور پاڪستان جونيئر ليگ کي جوائن ڪري ورتو آهي. گذريل مهيني پاڪستان جونيئر ليگ ۾ مينٽور طور جوائن ڪندڙ ڊيرن سيمي، شاهد آفريدي ۽ شعيب ملڪ سان گڏوگڏ عمران طاهر ۽ ڪولن منرو به مينٽور طور ليگ ۾ شامل ٿي ويا آهن. اهڙي طرح پاڪستان جونيئر ليگ جي 5 مينٽور جي چونڊ ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڇهين ٽيم لاءِ مينٽور جي چونڊ اڃا ٿيڻي آهي. ٽيمن جي نالن جي اعلان سان گڏ ئي انهن مشهور قومي ۽ عالمي رانديگرن کي هنن جي ٽيمن سان گڏ مينٽور طور شامل ڪيو ويندو. عمرن طاهر چيو آهي ته مان هاڻي به پنهنجي پيدائش واري ملڪ جو گهڻو شڪرگذار آهيان، جڏهن ته ليگ ۾ مينٽور طور شامل ٿي لاهور واپس اچڻ منهنجي لاءِ سڀ کان اطمينان بخش ڪاميابين مان هڪ آهي.