ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اسٽار ڪرڪيٽر شاهد خان آفريدي سيلاب متاثر صوبي بلوچستان وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي مائيڪرو بلاگنگ سائٽ ٽوئٽر تي چيو آهي ته پنهنجي ٻارن جو ڏک ورهائڻ مان پاڻ بلوچستان اچي رهيو آهيان، هي ٻار اسان جا ٻار آهن ۽ اسان جي ملڪ جو مستقبل آهن. شاهد آفريدي جو ٽوئٽ ڪندي چوڻ هو ته بلوچستان ۾ آفت، قوم جي آزمائش جو وقت آهي ۽ بلوچستان مونکي هميشه کليل ٻانهن ۽ وڏي دل سان ڀليڪار چيو آهي. واضح رهي ته برساتن سبب بلوچستان ۾ 100 کان وڌيڪ گهر ڊهي ويا آهن ۽ فوتگين جو انگ 111 ٿي ويو آهي.